ڄام تماچيءَ جي ڇٽي

ڄام تماچيءَ جي ڇٽي

ڄام تماچيءَ جي ڇٽي

ڄام تماچيءَ جي ڇٽي: هيءَ ڇٽي مڪلي ضلعي ٺٽي ۾ واقع آهي. هن اٺ ڪنڊي ڇٽيءَ هيٺ موجود قبرن تي ڪا لکت ڪونه ٿي ملي، پر هڪ روايت موجب ان هيٺان سنڌ جي بادشاهه ڄام تماچيءَ جي قبر آهي. ڇٽيءَ هيٺ ڪل ٽي قبرون آهن، جن مان هڪ قبر ڪنهن ٻار جي آهي. ڪن روايتن موجب ڄام تماچيءَ جي راڻي نوريءَ جي قبر ڪينجھر ۾ سندس مرشد ’شاهه هوندري‘ جي ڀر ۾ آهي. ان ريت ڄام تماچي سندس مرشد شيخ حماد جمالي جي ويجھو ان ڇٽيءَ هيٺان رکيل ٿي سگهي ٿو. اها ڇٽي ڄام نظام الدين جي مقـبـري لڳ اتــر پاسي واقع آهي. هـن ڇـٽــيءَ جـي ٿنبن جي چٽسالي ڏسڻ وٽان آهي. ٿـنبــن جــا بنيـاد چــوڪور، وچــون ڪالم نفيس اُڪر سـان گول ۽ سـر ستــون چــؤمکـا اٿس. سردرن مٿان ڪنگرا، انهن جي پويان سهڻي گولائيءَ وارو گنبذ ۽ ان مٿان ڇٽ نما ڪلنگي اٿس.
مڪليءَ تي موجود ڄام تماچيءَ ۽ نوريءَ جي قبرن سان منسوب سمجھي ويندڙ ڇٽي اڄ به بلڪل صحيح سالم حالت ۾ موجود آهي. ڇٽيءَ جي بناوٽ ۾ بادشاهي قبرن جي نموني جي محسوس ٿئي ٿي. جنهن جي ڇڄن، پلويڙن، ڪنگرڙن تي نفيس قسم جي اڪر جو ڪم ٿيل آهي ۽ ڪلسو پڻ جڙيل اٿس. ڇٽيءَ اندر ٽي قبرون آهن، جن مان اولهندي پاسي واري قبر وڌيڪ سينگاريل آهي، جنهن جي بٺي چئن طبقن ۾ آهي. ڇٽيءَ ۾ موجود ٻي قبر تاج سان آهي، جنهن جي پاسن ۾ هيٺان کان مٿي تائين ڪنگرڙن جي قطار ۽ سيخي ڌٻ وارا نشان آهن. ٽين قبر جي پاسن کان اڪر جو عمدو ڪم ٿيل آهي، جنهن سان گڏ قبر تي وڻ، ٻوٽا ۽ رنگن جا چٽ به ڪڍيل آهن ۽ هن قبر تي ڪنگرڙا پڻ آهن. ڇٽيءَ ۾ موجود ٽئي قبرون پٿر جون آهن. هنن مان ٽين قبر ڄام تماچيءَ جي چئي وڃي ٿي. جيتوڻيڪ پير حسام الدين راشديءَ پڻ هن انومان تي اتفاق ڪندي نظر اچي ٿو، پر تڏهن به سنڌ جي هنن زنده ۽ جاويد ڪردارن جي آخري آرامگاهه بابت مستند راءِ تحقيق طلب آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو